ڄامشورو (رپورٽ: زوهيب سولنگي) سنڌ جي قومپرستن بحريه ٽائون انتظاميا خلاف 6 جون تي بحريه ٽائون جي گيٽ اڳيان ڌرڻي هڻڻ ۽ 23 مئي تي انڊيجينيئس رائيٽس الائنس جي ميزباني ھيٺ ڪراچي ۾ رٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ سنڌي ادبي سنگت جي احتجاجن ۾ ڀرپور نموني سان شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي قومپرست تنظيمن، اديبن، دانشورن، تي ٻڌل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه جي صدارت ھيٺ ٿيو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، جسقپ چيئرمين نواز زئور، ديدار شام، اي جي پي صدر ڪرم وساڻ، عوامي تحريڪ جي نور ڪاتيار، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي مسرور شاهه، نيشنل پارٽي جي تاج مري، اسلم خيرپوري، سنڌي ادبي سنگت جي جنرل سيڪريٽري احمد سولنگي، گل حسن ڪلمتي، خدا ڏنو شاھ، مشتاق ميراڻي، عبدالمجيد چانڊيو، نور احمد ميمڻ، روشن ٻرڙو، زين شاهه، مير احمد مڱريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪنڌڪوٽ لڳ قبائلي تڪرار ۾ 10 بيگناهه انساني جانين جي نقصان تي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي. ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عدالتي جدوجهد جو اعلان ڪيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بحريه ٽائون ، ڊي ايچ اي ۽ اھڙن ٻين کوڙ سارين ھائوسنگ اسڪيمن جي صورت ۾ سنڌ تي ھڪ والار جو منصوبو جوڙيو ويو آھي. انهن منصوبن جو مقصد سنڌ جي سامونڊي پٽي کان ويندي ڪوھستان ، کير ٿر ۽ ڪراچي کان حيدرآباد تائين زمين کي ھڙپ ڪري ۽ اُتي ڌاريا آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آھي. ان ڪري انهن سنڌ ۽ سنڌي دشمن منصوبن خلاف سنڌي قوم ڀرپور مزاحمت ڪندي. اجلاس ۾ گڏيل راءِ اھو فيصلو ڪيو ويو ته بحريه ٽائون ۽ ٻين ميگا هائوسنگ پروجيڪٽن ذريعي سنڌ جي زمينن تي والار جي خلاف عدالتي ، سفارتي ۽ سياسي جدوجھد ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف جدوجھد ڪئي ويندي . اجلاس ۾ اھو مطالبو ڪيو ويو ته 4 مئي 2018ع تي سپريم ڪورٽ جي فل بيئنچ جي آيل فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. جنھن ۾ اھو واضع آھي ته بحريه ٽائون کي ڏنل پوري زمين غيرقانوني آھي ۽ ان قبضي ۾ ملوث سڀني ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اھا سموري الاٽ ٿيل زمين رد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي عملدرآمد بيئنچ جي فيصلي تي خدشن جو اظھار ڪيو ويو ۽ ان کي سنڌ جي خلاف فيصلو تصور ڪيو ويو ، ان فيصلي خلاف عدالتي جدوجھد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان 6 جون تي بحريه ٽائون جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو. 23 مئي تي انڊيجينيئس رائيٽس الائنس جي اي پي سي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي قيادت شريڪ ٿيندي ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڏ تي رٿيل احتجاجي مظاھرن ۾ شامل سڀني سياسي جماعتن جا ڪارڪن سڄي سنڌ ۾ شرڪت ڪندا. سفارتي محاذ تي جدوجھد ۽ سنڌ ۾ ھائوسنگ اسڪيمن جي صورت ۾ ٿيندڙ والار ۽ سنڌ جي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ خلاف يونائيٽڊ نيشن ۽ ٻين سفارتڪارن اڳيان سنڌ جو ڪيس رکيو ويندو، ان لاءِ ڊرافٽ تيار ڪرڻ لاءِ عبدالمجيد چانڊيو، مشتاق ميراڻي، گل حسن ڪلمتي ۽ مسرور شاھ تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي.