ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل نوجوان آزاد. خبر موجب سول جج محمد عظيم سولنگي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل برٿ لال پٽ روپ چند کي آزاد ڪرايو، سول جج ايس ايچ او اي سيڪشن کي اڄ رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو پڻ حڪم ڏنو.