قمبر: دڪان ۾گئس سلينڊر جو ڌماڪو، 3 ڄڻا سخت زخمي

0
241

قمبر (ن پ ا) قمبر ۾ جناح باغ سامهون دڪان ۾گئس سلينڊر جو ڌماڪو، 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ڌماڪي سبب دڪان کي باهه وڪوڙي وئي، اختر وڌو، رافع چانڊيو ۽ ضياءُ الله چانڊيو زخمي ٿي پيا، زخمين مان دڪاندار اختر وڌو جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، زخمي کي لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب گئس ڀرڻ دوران سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو.