وزير اعظم رمضان ۾ سنڌ اچي چندو وٺي هليو ويندو آهي:مرتضيٰ وهاب

0
313

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير اعظم عمران خان رمضان ۾ سنڌ اچي چندو وٺي هليو ويندو آهي، اڄ ڪراچي جي واپارين ۽ صنعتنڪارن کان چندو وٺندو، عمران خان هميشهه جيان اڄ به سنڌ لاءِ سکڻا اعلان ڪيا، عوام کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪپتان ڪراچي پيڪيج جيان سنڌ ترقياتي پروگرام تان به يوٽرن وٺندو، سنڌ حڪومت جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب عمران خان کي اعلان خان قرار ڏيندي چيو ته اعلان خان ٻڌائي ته هُــن سنڌ لاءِ ڪيترا اعلان ڪيا، ڇا ڪراچي کي اعلانيل 11 سئو ارب رپيا ملي ويا؟، عمران خان حيدرآباد يونيورسٽي ٺاهڻ ۽ ٿر لاءِ هڪ ارب رپين جي پيڪيج جو به اعلان ڪيو هو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته عمران خان اڳ ئي چئي چڪو آهي ته سنڌ اسان جو صوبو ناهي، هو اڄ به شوڪت خانم لاءِ چندو وٺڻ آيو، عمران خان سنڌ ۾ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.