قبوسعيدخان (ن پ ا) قبوسعيدخان لڳ بلوچستان جي علائقي ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ماڇي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ زمين تي ڪم ڪندڙ هڪ ڄڻو عبدالله ماڇي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، اطلاع تي جهل مگسي ليويز پوليس پهچي مقتول جو لاش جهل مگسي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.