گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ محمد صالح اڄڻ ۾ زمين جي معاملي تان هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري ننڊ ستل 40 ورهين جي وزير علي اڄڻ ۽ 75 ورهين جي مسمات راحت خاتون کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ سبب عورت مسمات نعمت خاتون اڄڻ زخمي ٿي پئي، زخمي عورت کي وارثن ۽ پوليس کڻي گمس اسپتال منتقل ڪيو، ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ محمد صالح عرف وڏو اڄڻ ٻڌايو ته ناريجا برادري جي ماڻهن سان زمين جي معاملي تي جھيڙو هلندڙ هو، جنهن تان ناريجا برادري جي هٿياربندن گھر تي حملو ڪري ننڊ ستل منهنجي ڀاءُ وزير علي اڄڻ ۽ منهنجي ڏاڏي مسمات راحت خاتون کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، هن چيو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب احتجاجن مقتولن جا لاش 3 ڪلاڪن بعد اسپتال مان کڻائي ڳوٺ منتقل ڪيا آهن، ٻي طرف مقتولن جا وارث لاش کڻي گمبٽ ٿاڻي تي پهتا، جتي پوليس مقتولن جي وارثن سان ڳالهين بعد 8 سڃاتل جوابدارن فقير محمد ناريجو، رضا محمد مري، سڪندر اڄڻ، قاسم اڄڻ، ميهر علي اڄڻ، ادريس بروهي، علي شير، اميد علي ناريجو، سراج ناريجو سميت 4 اڻسڃاتلن تي گناهه نمبر 55/2021 قلم 302 ،324،148,149،109 PPC تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن بعد مقتولن جا وارث ٿاڻي تان لاش کڻي تدفين لاءِ ڳوٺ روانا ٿي ويا، هوڏانهن ايس ايڇ او گمبٽ ٻڌايو ته اڄڻ ۽ ناريجا برادري جي ماڻهن ۾ زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو، مقتولن جي وارثن ٻڌايو ته ناريجا برادري جي ماڻهن ۽ ٻين گڏجي گھر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي، ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن قاسم اڄڻ ۽ ادريس بروهي کي گرفتار ڪيو آهي. ٻيا جوابدار به جلد گرفتار ڪيا ويندا.