حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عزادار رابطا ڪاميٽي جي نئين باڊي چونڊي وئي آهي. ان باڊي جي حلف برداري جي تقريب امام بارگاهه جاگير علي اڪبر عه ٽنڊو غفور شاهه جهانيان قاسم آباد ۾ ٿي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عزادارن شرڪت ڪئي. انجمن سفينه حسيني حيدرآباد جي سرپرست مير حيدر علي خان ٽالپر، سيد اختر حسين شاهه جهانيان ۽ مير بالاچ خان ٽالپر به ان تقريب ۾ شريڪ ٿيا. نون چونڊيل عهديدارن کان حيدر علي خان ٽالپر ۽ 7 ميمبرن تي مشتمل مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن کان سيد اختر حسين شاهه جهانيان حلف کڻايو. عزاداري جي واڌاري لاءِ جاکوڙيندڙ زوار عبدالستار درس کي نشانِ حيدر جو ايوارڊ به ڏنو ويو.