گاجي کهاوڙ (ن پ ا)  پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ شھيد صيف الله مرزاڻي جي 11 ورسي سادگي سان ملهائي وئي،  ڪارڪنن ذوالفقار چانڊيو، روشن خاصخيلي، نجاوت مغيري، سمي چانڊيو، عاجز  چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مزار تي پارٽي پرچم چاڙھي گل نڇاور ڪري سلام پيش ڪيو.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته صيف الله چانڊيو ميرمرتضيٰ ڀٽو جو سچو سپاهي هو، هن دم جي آخري هڏڪي تائين سندس ساٿ نه ڇڏيو، هن مير جو پيغام گهر گهر پهچايو ان جي وڇوڙي سان پ پ شھيد ڀٽو کي نقصان رسيو آھي، جنهن جو خال نٿو ڀري سگهجي.