فوجي آفيسر جي حڪم تي وڻ 123 سالن کان قيد

0
641

لنڊي ڪوتل (دلچسپ نيوز) فوجي آفيسر جي حڪم تي هڪ وڻ 123 سالن کان قيد ٿيل آهي جنهن جي باضابطا نموني حفاظت پڻ ڪئي وڃي ٿي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پاڪستان جي افغان سرحد سان لاڳاپيل ضلعي خيبر جي شهر لنڊي ڪوتل ۾ هڪ وڻ 123 سالن کان زنجيرن سان قيد ٿيل آهي. جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اهو وڻ هڪ برطانوي فوجي آفيسر جيمز سڪوئڊ 1898 ۾ قيد ڪرايو ويو هو. شراب جي نشي ۾ مدهوش برطانوي فوجي آفيسر گشت ڪري رهيو هو ته کيس محسوس ٿيو ته اهو وڻ سندس طرف اچي رهيو آهي. ان موقعي تي هن پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنو ته ان وڻ کي زنجيرن سان قيد ڪيو وڃي جنهن بعد وڻ کي قيد ڪيو ويو ۽ اهو اڄ تائين انهي حالت ۾ آهي جڏهن ته ان تاريخي وڻ جي حفاظت جون ذميواريون باضابطا طور زراعت کاتي حوالي ٿيل آهن جڏهن ته سياح پڻ ان وڻ کي ڏسڻ ايندا آهن.