ڪراچي: خاص معاون ارباب لطف الله چيو ته دودو ڀيل جو قتل ناانصافي آهي، ڪول ڪمپنين کي ماڻهو مارڻ جو لائسنس ناهي ڏنو، پارٽي چيئرمين ۽ سي ايم انهي واقعي جو سخت نوٽيس ورتو هو، احتجاج دوران داخل ٿيل دهشتگردي ايڪٽ وارو ڪيس به ناجائزي هئي، جيڪو سنڌ حڪومت ختم ڪرايو، هن چيو ته آئون انرجي بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين ضرور آهيان پر دودي ڀيل واري معاملي تي پارٽي قيادت ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، فقير شير محمد بلالاڻي ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ کي ذميواري ڏني هئي، مونکي پارٽي ڪا ذميواري ڏئي ها ته ضرور نڀايان ها.