فواد چوڌري جي ٻيهر الزام نه هڻڻ جي شرط تي ضمانت منظور

0
211
فواد چوڌري جي ٻيهر الزام

اسلام آباد جي عدالت اليڪشن ڪميشن خلاف نفرت ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي ضمانت منظور ڪري ورتي

ايڊيشنل سيشن جج فيضان گيلاني ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو ته فواد چوڌري کي اهڙو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها

عدالت چيو ته پارليامينٽيرينز کي اهڙا بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، فواد چوڌري کي ان شرط تي ضمانت پيا ڏيون ته ٻيهر اهڙيون ڳالهيون نه ڪندو

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري کي 20 هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

مريم نواز سان ناراضگي: شاهد خاقان عباسي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ واري درخواست رد، جيل موڪلڻ جو حڪم