فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ واري درخواست رد، جيل موڪلڻ جو حڪم

0
246
فواد چوڌري جي جسماني

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ واري درخواست رد ڪندي کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

پوليس اليڪشن ڪميشن خلاف نفرت ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار فواد چوڌري کي جڊيشل ماجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو

 پوليس فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي استدعا ڪئي، عدالت ٻڌڻي دوران فواد چوڌري جون هٿڪڙيون کولڻ جو حڪم ڏنو

 سرڪاري وڪيل چيو ته موبائيل فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيون اليڪٽرانڪ ڊوائيسز اڃا هٿ ڪرڻيون آهن، فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي

 فواد چوڌري جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته فواد چوڌري پنهنجي موقف تي قائم آهي، پوليس ڪيس کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، خبر ناهي ته ڪهڙو ليپ ٽاپ هٿ ڪرڻ چاهي ٿي

هي به پڙهندا

فواد چوڌري جي جسماني رمانڊ تي درخواست رد، جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي