فريدآباد (ن پ ا) فريد آباد ويجھو نينگر سم شاخ ۾ ٻڏي ويو، کيس بچائيندي معصوم ڀيڻ به ٻڏي فوت ٿي وئي. ان ڏس ۾ فريدآباد ڀرسان ڳوٺ ڪريم بخش چانڊيو واسي ميرل سولنگي جو 7 ورھين جو پٽ پپن سولنگي ۽ 6 ورھين جي رقيعه سولنگي ڳوٺ ڀرسان وھندڙ سم شاخ جي پاسي ٻڪريون چاري رهيا هئا ته پپن سولنگي پير ترڪڻ سبب سم شاخ ۾ ڪري پيو. ڀاءُ کي بچائيندي سندس ڀيڻ به سم شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. وارثن ۽ ڳوٺ وارن جي گهڻي ڳولا بعد لاش ھٿ ڪيا ويا. ڀيڻ ڀاءُ جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي.