ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ لانڍي روڊ وٽان سنگهر شاخ مان هڪ پيرسن جو لاش ڳريل حالت ۾ هٿ آيو. لاش جي شاخ ۾ موجودگي جو اطلاع ڳوٺاڻن پوليس کي ڏنو پر لاش مسلسل پاڻي ۾ هجڻ ڪري بدبوءِ ڪري وڃڻ سبب اهلڪار لاش جي ويجهو نه آيا جنهن سبب لاش مسلسل 6 ڪلاڪن تائين شاخ ۾ پيل رهيو بعد ۾ پوليس ميونسپل مان ڀنگي گهرائي لاش کي ڪڍرائي سمس شھدادپور اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرايو. پوليس موجب لاش جي ڳري وڃڻ سبب سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي پوليس قانوني ڪارروائي بعد لاش کي لاوارث قرار ڏئي ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو جن کيس دفنائي ڇڏيو.