غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 133 فلسطيني شهيد، سوين زخمي

0
170
غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 133 فلسطيني شهيد، سوين زخمي
غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 133 فلسطيني شهيد، سوين زخمي

غزه: غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 133 فلسطيني شهيد ٿي ويا، سوين زخمي ٿي پيا

 شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 18 هزار کان وڌي ويو، اسرائيل چڪرين دوران 2 آفيسرن سميت 4 اسرائيلي فوجين جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

Israel intensifies attacks on north Gaza as WFP says more aid urgently needed | Israel-Gaza war | The Guardian

غزه تي اسرائيلي حملن ۾ تيزي اچڻ کانپوءِ خوراڪ جو بدترين بحران پيدا ٿي ويو آهي، شهر جي اڪثر علائقن تائين خوراڪ ۽ ٻي امداد جي رسائي ناممڪن بڻيل آهي

Peacekeepers, Fatah or anarchy: what would follow an Israeli 'victory' in Gaza? | Israel-Gaza war | The Guardian

خوراڪ جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته غزه جا 36 سيڪڙو خاندان فاقا ڪاٽڻ لاءِ مجبور آهن، متاثر خاندانن تي جلد خوراڪ پهچائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، فلسطين ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين شهري شهيد ٿي چڪا آهن، عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪريGaza's civilians search for food as warnings of Israeli offensive mount

نگران وزيراعظم چيو ته عالمي برادري ڪشميرين جي حقن جي بحاليءَ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڀارت تي اثررسوخ استعمال ڪري، پاڪستان انساني حقن جي عالمي منشور جي حمايت ۽ پاسداري جاري رکندو