ڳاهيجا ۾ ڀوتار جي بنگلي تي ڇاپو، ٽن مهينن کان قيد نينگري بازياب، جنسي زيادتي جو انڪشاف

0
387

ڳاهيجا ۾ ڀوتار جي بنگلي تي ڇاپو، ٽن مهينن کان قيد نينگري بازياب، جنسي زيادتي جو انڪشاف

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ۾ ڀوتار غازي منڱڻيجو جي بنگلي تي پوليس ڇاپو هڻي ٽن مھينن کان مبينا طور قيد ڪيل 13 ورهين جي معصوم نياڻي ڳاهيجا ڳوٺ جي رهواسڻ شازيه مڱڻيجو کي بازياب ڪرائي ورتو، معصوم شازيه مڱڻيجو سان مبينا جنسي زيادتي ڪرڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آھي

جڏهن ته معصوم نياڻي جي جسم تي سخت تشدد پڻ نشان مليا آھن، جڏهن ته متاثر نياڻي کي ڀوتار جي بنگلي تان بازياب ڪرائڻ کانپوءِ وومين سيل جي معرفت ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج شڪارپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

جنهن بعد عدالت متاثر نياڻي کي سومر واري ڏينهن تائين وومين سيل حوالي ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو، هوڏانهن معلوم ٿيو آھي ته عدالت پاران ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي نوٽيس جاري ڪندي جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو

ٻئي طرف متاثر نياڻي واري ڪيس جي ايڊووڪيٽ مير چاچڙ صحافين کي ٻڌايو ته وحشي ڀوتار 65 ورهين جي عمر جو آھي جڏهن ته نياڻي جي ڪل عمر ڏهه سالن کان پڻ گھٽ آھي جنهن کي ٽن ورهين کان مٿي لکيل وحشي ڀوتار بنگلي ۾ يرغمال ڪرڻ بعد سندس والدين کي 50 لک رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪندو رهيو پر هو انڪار ڪندا رهيا جنهن بعد ڪالهه پوليس ڇاپو ھڻي نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو