خضدار ۾ سي ٽي ڊي جي گاڏي ويجهو ڌماڪو، ايس ايڇ او شهيد

0
277

خضدار (م ڊ) خضدار ۾ سي ٽي ڊي جي ايس ايڇ او جي گاڏي ويجهو ڌماڪو، ايس ايڇ او محمد مراد شهيد، 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا

پوليس جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او گاڏيءَ ۾ ويٺو هو ته ڌماڪو ٿيو، زخمي ٿيل ٻن اهلڪارن ۽ شهيد ٿيل ايس ايڇ او جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو

وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگردي جي چئلينج کي سختيءَ سان منهن ڏينداسين، بزدلاڻي ڪارروائين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون