قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد پوليس ڳجهي اطلاع تي چيڪنگ دوران آمري روڊ چوڪ وٽ لاھور کان ڪراچي ويندڙ مزدا گاڏي کي روڪي تلاشي دوران 2 مڻ 18ڪلو چرس ھٿ ڪري ھڪ جوابدار لاهور واسي لياقت ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب هٿ ڪيل چرس جي قيمت 70 لک کان وڌيڪ آهي، گرفتار لياقت ڀٽي ۽ دلاور خان پٺاڻ ۽ گل وزير خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.