اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان چوي ٿو ته مان اسلام آباد تي چڙهائي ڪندس ڀارت عمران خان جي آءِ ايس آءِ ۽ فوج تي ڪيل غيرمناسب تنقيد تي جشن ملهائي رهيو آھي، هن چيو ته ھي فتنو چيف اليڪشن ڪمشنر کي هرجاڻي جو نوٽيس ڏيڻ کان پهرين شهباز شريف ۽ خواجا آصف جي هرجاڻي جي نوٽيسن جا جواب ڏئي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي هرجاڻي جو نوٽيس ان لاءِ آھي  ڇو ته چيف اليڪشن ڪمشنر فارن فنڊيڊ فتني جو غلام بڻجڻ کان انڪار ڪيو،  مريم اورنگزيب چيو ته پهريان فارن فنڊيڊ فتنو ٻڌائي ته رات جو ناڪام مارچ ڇڏي گهر سمهڻ لاءِ ڇو ڀڄي ويو.