عمران خان پاڪستان جي ضرورت آھي، ق ليگ پنجاب جي ڪجھ ضلعن جي پارٽي آھي: اسد عمر

0
182
عمران خان پاڪستان جي

ڪراچي (م ڊ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر اتحادي پارٽي مسلم ليگ ق کي پنجاب جي ڪجهه ضلعن جي پارٽي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ عمران خان جي ضرورت آهي

پاڪستان اوورسيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي شهري علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن،گلگت بلستان ۾ به سڀ کان وڌيڪ ووٽ وٺڻ واري جماعت پي ٽي آءِ آهي

هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف خيبر کان ڪراچي تائين سڄي ملڪ ۾ پاڪستانين جي پارٽي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ق) پنجاب جي ڪجهه ضلعن جي پارٽي آهي، مسلم ليگ ن جي ٽي روڊ ۽ پيپلز پارٽي اندرون سنڌ جي پارٽي آهي

هن عمران خان کي پاڪستان جي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان کانپوءِ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، مخالف ڌر جي عدم اعتماد واري رٿ کي ناڪام بڻائينداسين

وفاقي وزير چيو ته ڀارت پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ملڪ کي مضبوط رکڻ لاءِ اسان کي متحد ٿيڻو پوندو، ملڪ اندروني چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، مشڪل حالتن ۾ پاڪستانين کي مقابلو ڪرڻو آهي، ڪاميابي لاءِ ملڪ کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان گڏجي ڪنهن به مشڪل کي منهن ڏئي سگهون ٿا

ھي به پڙھندا

اپوزيشن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي، ڏسون ٿا بدلَي ۾ ڇا ٿا ڏئي سگهون: فواد چوڌري