هڪ اهلڪار کي بچائڻ لاءِ ڪوڙ پيا ڳالهايو:عدالت جي ڊي ايس پي کي ڇنڊ

0
241
سنڌ هاءِ ڪورٽ: 6 ماڻهن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سرجاني ٽائون واسڻ نينگري ڪرن جي لاپتا جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ عدالت انسپيڪٽر گلزار کي طلب ڪيو هو جيڪو عدالت ۾ پيش نه ٿيو

ٻڌڻي دوران جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ڊي ايس پي سرجاني ٽائون کان پڇاڻو ڪيو ته انسپيڪٽر گلزار ڇو پيش ناهي ٿيو

جنهن تي ڊي ايس پي چيو ته هو بيمار آهي، عدالت پڇيو ته ڇا هو موڪلن تي آهي؟، ڊي ايس پي چيو ته نه، موڪلن تي نه پر بيمار آهي

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ڊي ايس پي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڇا عدالت کي بيوقف سمجهي رهيا آهيو، هڪ اهلڪارکي بچائڻ لاءِ عدالت جي سامهون ڪوڙ ڳالهائي غلط بياني ڪري رهيو آهين، ڇا هٿڪڙي لڳرائي جيل موڪليون

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته ججز کي به خبر هوندي آهي ته ڪٿي ڇا هلي رهيو آهي، جج جي ڪرسي تي ويهي اسان اکيون ۽ ڪن بند نه ڪيا آهن

معزز جج چيو ته ڪيئن مامرا هلندا آهن ججز کي سڀ خبر آهي، هُن کي پيش ڪيو ۽ کائنس پڇون ته ڪيس ڪيئن اي ڪلاس ڪري اڪلائي ڇڏيو، جنهن بعد عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي