اشو آف دي ڊي چڪ اسپتال ۾ سهولتن جي اڻاٺ: مسئلي جي حل لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم

0
126
اشو آف دي ڊي چڪ اسپتال ۾ سهولتن جي اڻاٺ: مسئلي جي حل لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم

 چڪ اسپتال کي 50 سال پورا ٿي ويا، اسپتال اپگريڊ ته ناهي ٿي سگهي ويتر اسٽاف جي کوٽ ۽ سرڪار جي لاپرواهي 50 هزار کان وڌيڪ آباديءَ کي صحت جون سهولتون ڏيندڙ چڪ اسپتال مسئلن جو شڪار ٿي وئي آهي، چڪ جي سڄاڻ شهرين پاران اسپتال مان اسٽاف جي کوٽ ختم ڪري اپگريڊ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، چڪ اسپتال جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي، شهرين چونڊيل نمائندن جو ڌيان بنيادي مسئلي ڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان سلسلي ۾ گلزار علي سيٺار، اياز قاضي، غلام قادر مهر ۽ ٻين چڪ اسپتال واري مسئلي تي پوسٽون شيئر ڪيون، چڪ واسي ڊاڪٽر مڪيش ڪمار ٻڍاڻي لکيو ته شرم جهڙي ڳالهه آهي ته ضلعي شڪارپور جي سڀ کان قديمي اسپتال کي تالا لڳل آهن.

غلام قادر مهر لکيو ته چڪ جي سرڪاري اسپتال تڪ مان چونڊيل نمائندن جو ڌيان گهري ٿي. هن چڪ اسپتال جي حوالي سان ٽائيم نيوز تي هليل رپورٽ جي ساراهه پڻ ڪئي، احسان الله ڀئي لکيو ته پوري سنڌ سان گڏ چڪ  به وڌيڪ لوڙي ٿو، ڀوتار به گهڻا، شعور به گهڻو، صحافي به خير سان ڪافي آهن پر ادارن جو ڪم بلڪل انڌيري نگري وارو آهي. غلام رسول جتوئي لکيو ته اسپتال ۾ ايم ايس اهڙو مقرر ڪيو وڃي جيڪو اسپتال کي تباهه ٿيڻ کان بچائي، سليم الله مهر لکيو ته چڪ اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ته پري جي ڳالهه پر حادثن جي زخمين کي فرسٽ ايڊ به نٿي ملي. اياز قاضي لکيو ته چڪ اسپتال جو سڌارو ڪير ڪندو، هر بيماري جي مريضن کي هڪ ئي قسم جي دوا، عجيب ادارو آهي، سرڪاري دوائون وڪرو ٿيڻ جون به دانهون ٿينديون رهيون آهن، حافظ عذير گل مهر لکيو ته اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب غريب دربدر آهن امير ته علاج لاءِ وڏن شهر ڏانهن ويندا آهن.

  گلزار سيٺار لکيو ته اسپتال کي اپگريڊ ڪري تعلقي جو درجو ڏنو وڃي. پون ڪمار ٿواڻي لکيو ته غربت جي هن دور ۾ماڻهو پيٽ نٿو پالي سگهي ته علاج ڪئين ڪرائيندو؟ صحت کاتي جي وزير ۽ ڊي سي شڪارپور کي جلد نوٽيس وٺڻ کپي عوام کي صحت جي سهولت ڏيڻ گهرجي، ذوالفقار سيٺار لکيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به  گورنمينٽ اسپتال کي ڪڏهن به تالو نه لڳو ھوندو اسان جي چڪ جي اسپتال جي تاريخ  لکبي. راجا آصف مهر لکيو ته تمام اھم مسئلي تي مهم هلي پئي شال اختيارين کي غريب مظلوم خلقِ خدا تي رحم ٿئي. حاڪم مڱرئي لکيو ته افسوس ھن شھر چڪ ۾ غريبن کي مفت علاج جو ھڪ ادارو اھو به بند؟ غريب مريضن جو ڇا ٿيندو، فقير جبار مهر لکيو ته اهڙي اسپتال کي تالا ڇو نٿا هڻي ڇڏيو جيڪا عوام کي صحت جي سهولت به نٿي ڏئي سگهي، اسپتال کي تالا لڳايو ته جيئن اتي مقرر سرڪاري ملازم بک مرن، آزاد انور مهر لکيو ته اسپتال جي مک گيٽ کي زنجيز سان لڳل تالو انتظامي دعوائن جي پت وائکي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. شفيق الرحمان مهر لکيو ته چڪ واسين کي مطالبن جي مڃتا لاءِ اسپتال جي گيٽ ٻاهران ڌرڻو هڻڻ گهرجي، ولي محمد ڀئي لکيو ته اسپتال جو موجوده ايم ايس سادو آهي، عتيق مهر لکيو ته اسپتال بابت آواز اٿارڻ واري ڪوشش جاري رهي ضرور فرق پوندو. اصغر جکري لکيو ته چڪ اسپتال بابت ٽائيم نيوز مثبت رپورٽنگ ڪئي آهي. ٻي طرف چڪ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر سجاد ميمڻ جو اهو موقف سامهون آيو هو ته اسپتال ۾ هڪ طرف 28 جايون خالي پيل آهن ته ٻي پاسي 16 ملازم پنهنجي پوسٽنگ واري جگهه چڪ اسپتال بدران من پسند جاين تي ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، ڊي ايڇ او شڪارپور کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن عمل نه پيو ٿئي اها حالت رهي ته اسپتال بند ٿي ويندي.