علي قاضي سان امڙ جي وڇوڙي تي تعزيت جو سلسلو جاري: سڀاڻي ٽيجهو ٿيندو

0
268
علي قاضي سان امڙ جي وڇوڙي تي تعزيت
علي قاضي سان امڙ جي وڇوڙي تي تعزيت جو سلسلو جاري: سڀاڻي ٽيجهو ٿيندو

ڪراچي: نامياري صحافي، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي والده جو ٽيجهو سڀاڻي اربع شام پنج وڳي ڪراچي ڊفينس فيز 8 واري علائقي ۾ علي قاضي جي رهائش گاهه تي ٿيندو

 علي قاضي سان سندس رهائش گاهه تي وقتي گورنر آغا سراج دراني، تعليم واري وزير سردار شاهه، جي ڊي اي سنڌ جي پارلياماني ليڊر حسنين مرزا، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو، ڊاڪٽر شام سندر، راجا ڀون، سيد نور علي شاھ، ڊاڪٽر ايوب شيخ، شاهد جتوئي، اصغر سومرو، عبدالله ميمڻ، سنيل عرف ٽيپو پاشا، مولانا سراج ڀٽو، فرحان عالماڻي سميت وڏي انگ ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ زندگي جي مختلف شعبن جي ماڻهن پهچي تعزيت ڪئي

علي قاضي جي والده جي سڪينه مسجد ڊفينس ۾ جنازي نماز بعد ڪراچي جي ڊفينس واري قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي