سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ اويس  شاھ جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. تفصيل موجب نيب سکر طرفان صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاھ خلاف ھڪ ڪيس جي جاچ ھلندڙ آھي، جنھن ۾ اويس قادر شاھ طرفان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪيل ھئي، جنھن جي ڪالھه سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ضمانت واري درخواست ۾ 14 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آھي.