ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيشن جج اوڀر جي عدالت ڪراچي علائقي ڪورنگي جي وسندي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري ۾ لڳل باهه جي ڪيس ۾ نامزد فيڪٽري مالڪ حسن ميٿا، مينيجر عمران زيدي ۽ فيصل طارق جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت پاران جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم، پوليس ٻن جوابدارن  فيڪٽري مالڪ حسن ميٿا، مينيجر عمران زيدي کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته جوابدار فيصل طارق کي سٽي ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي. جوابدارن پاران داخل ڪيل درخواست ۾موقف اختيار ڪيوويو هو ته فيڪٽري ۾ ڪيميڪل جهڙي ڪا شيءِ موجود ئي نه هئي ۽ واقعي کان پهريان بجلي بند هئي جيئن ئي بجلي آئي ته شارٽ سرڪٽ ٿي ويو. وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته جيڪي جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن انهن جون آفيسون به ان ئي فيڪٽري ۾ آهن اهي جڏهن ته بروڪس چورنگي تي فائر برگيڊ وٺڻ ويا ته اتي صرف ڊمي فائر برگيڊ بيٺل هيون ان کانپوءِ ٻئي هنڌ تي فائر برگيڊ وٺڻ ويا ته انهن فائر برگيڊ ۾ پاڻي نه هو واٽر ٽينڪر کان پاڻي ڀرايو ويو. وڪيل موجب فيڪٽري ۾ ڪولنگ نه ٿيڻ سبب ماڻهن جو موت واقع ٿيو آهي.