صوبائي حڪومتن کي پوليس جون بدليون نه ڪرڻ جو حڪم

0
365

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتن کي پوليس جون بدليون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، پوليس آرڊر 2002 تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن کان به پوليس آفيسرز جي بدلين جو 10 سالن جو ريڪارڊ طلب  ڪري ورتو آهي

پوليس آفيسرز جي سياسي بنيادن تي بدلين واري ڪيس جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڇا پنجاب حڪومت قانون تي پاڻ عمل ڪندي يا اسان حڪم جاري ڪيون؟

چيف جسٽس چيو ته صوبائي حڪومت کان هدايتون وٺي آگاهه ڪيو، پوليس آفيسرز جون بدليون ايم پي ايز جي چوڻ تي نه ٿيڻ گهرجن، قانون مطابق سي پي او يا ڊي پي او کي 3 سالن کان اڳ هٽائي نه ٿو سگهجي

چيف جسٽس چيو ته سي پي او يا ڊي پي او کي مقرر ڪرڻ آءِ جي جو اختيار آهي، ڇا پنجاب ۾ سموريون مقرريون آءِ جي ڪري ٿو؟ اهو تاثر آهي ته حڪومتون پوليس کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪن ٿيون

سپريم ڪورٽ اهم ڪيس جي ٻڌڻي جنوري جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

سنڌ جي 9يونيورسٽيز جي وي سيز جي مقرري بابت نئين پاليسي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد