اسلام آباد (بيورورپورٽ) صدر علوي عمران جي گرفتاري بعد مظاهرن ۾ نقصان جي مذمت ڪري ڇڏي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ صدر عارف علوي چيو ته احتجاج هر پاڪستاني جو آئيني حق آهي پر احتجاج سدائين قانون جي دائري ۾ رهي ڪرڻ گهرجي، انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو عمل جيءُ جهوريندڙ ۽ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته ڪجهه شرپسندن سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، سرڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچائڻ جي مذمت ڪيان ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتارين بدران معاملن جو سياسي حل ڳولڻو پوندو، سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.