اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف هجي يا نه هجي پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو، پاڪستان آءِ ايم ايف جا تمام شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، آءِ ايف ايف اسٽاف ليول معاهدي لاءِ وڌيڪ وقت چاهي ٿو ته وڌيڪ وقت وٺي، مئي ۽ جون ۾ 3.7 ارب ڊالر جون ادائگيون بروقت ڪيون وينديون، مئي ۽ جون ۾ ادائگين جو انتظام ڪيو ويندو، عالمي ادارن کي پاڪستان بابت ڊفالٽ جون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، دوست ملڪن جي طرفان فنانسنگ جا واعدا ڪيا ويا آهن جيڪي جلد پورا ٿي ويندا، تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته رياست سياست کان وڌيڪ اهم آهي، حڪومت معاشري کي درپيش مشڪلاتن کان آگاهه آهي، حڪومت سياسي قيمت تي مشڪل فيصلا ڪيا آهن، هن چيو ته اسان سي پيڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، خصوصي اقتصادي زونز 5 سالن کان التوا هيٺ آهن، چيني انڊسٽري کي پاڪستان منتقل ڪرڻ چاهيون ٿا، دوست ملڪن کان مدد ورتي وئي آهي، ايف بي آر جي ٽيڪس محصولن ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته مارچ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سر پلس رهيو اپريل ۾ به سرپلس رهندو، اسٽرڪچرل عدم توازن ختم ڪرڻ جي لاءِ سڌارا متعاف ڪرايا ويا آهن، خرچن ۾گهٽتائي لاءِ وزيراعظم ڪفايت شعاري قدمن جو اعلان ڪيو آهي، تجارتي خساري ۾گهٽتائي جي لاءِ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو، هن چيو ته بي آءِ ايس پي جي مستحقن جي لاءِ وظيفي ۾ اضافو ڪيو ويندو، 2008ع ۾ اتحادي حڪومت کي نيشنل انڪم سپورٽ پروگرام جو آئڊيا ڏنو هو .