اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ نه ڪي ڏڦيڙ چاهيون ٿا نه ڪو نقصان، اسين صرف اليڪشن چاهيون ٿا. سپريم ڪورٽ ۾ پيشي کان پوءِ ڳالهايئندي عمران خان چيو ته هتي ميڊيا موجود آهي، پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو، آئون ته گرفتار هئس، مظاهرن جو ذميوار ڪيئن ٿي ويس؟ هن چيو ته مون ڪڏهن انتشار جي ڳالهه ناهي ڪئي، ملڪ ۾ صرف اليڪشن چاهيون ٿا، سڀني کي چوان ٿو سرڪاري ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان نه پهچائين. هن چيو ته منهنجو موبائل فون ورتو ويو، مون کي خبر ئي نه آهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿيو، هن ڪارڪنن کي پر امن رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ عدالت کي ٻڌايو ته مون کي ڪڏهن پوليس لائن ۽ ڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ نيو ويو. مون کي سمجھه ۾ نه آيو ته ڇا ٿيو آهي، مون نيب جي نوٽيس جو جواب ڏنو هو، ملڪ ۾ آزاد اليڪشن چاهيان ٿو. ان کان اڳ عدالت ۾ عمران خان چيو ته مون هر وقت پنهنجي سپورٽرن کي چيو ته پر امن رهن، منهنجي خلاف دهشتگردي سميت 150 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اليڪشن ريلي تي حملو ٿيو، پوءِ به ريلي ختم ڪري ڇڏي هئي، 25 مئي تي انتشار جي خبر پئي ته مظاهرو ختم ڪري ڇڏيو هو، اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ٿئي، عدالت فيصلو ڪري.