شھدادپور عدالت قتل جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

0
296
اغوا ڪيس: 4جوابدارن

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي عدالت قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ايڊيشنل سيشن ڪورٽ نوناري پاڙي واسي پيرسن رضا محمد نوناري کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٻن جوابدارن عامر ۽ رياض نوناري جي ضمانت رد ڪئي، سرڪاري وڪيل جو موقف هو ته جوابدارن پيرسن کي ٻانهن ۾ جهلي ٻين جواندارن کيس قتل ڪيو، ڄاڻايل ٻنهي جوابدارن جو ڪيس ۾ اهم ڪردار آهي کين ضمانت ڏيڻ سان وڌيڪ خونريزي جو خدشو آهي کين ضمانت نه ڏني وڃي، عدالت سڳوري ٻنهي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڄاڻايل جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، پوليس ٻه هفتا اڳ چئن ڄڻن عاشق، نصير، رياض ۽ عامر نوناري خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو.