بشريٰ انصاري جي ڀيڻ ۽ اداڪاره سنبل شاهد لاڏاڻو ڪري وئي

0
684

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان جي ناليواري اداڪاره ۽ ٽي وي ميزبان بشريٰ انصاري جي ڀيڻ ۽ اداڪاره سنبل شاهد لاڏاڻو ڪري وئي، بشريٰ انصاري پنهنجي ڀيڻ جي وفات تي افسوسناڪ خبر ٻڌائيندي چيو ته سنبل شاهد ڪورونا جي ڪري لاهور جي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، سنبل شاهد کي هڪ مهينو اڳ ڪورونا ٿيو هو، جيڪا اسان کان وڇڙي وئي، بشريٰ انصاري پاران پنهنجي ڀيڻ جي صحتيابي لاءِ ڪيترائي ڀيرا دعائن جي اپيل به ڪئي هئي، واضح رهي ته سنبل شاهد ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ملڪه عاليه، عشق وي ڪام ڪيا ٿا ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ها..