آءِ بي اي سکر اسڪينڊل:حسين صديقي پنهنجي ويڳي ماءُ تي ڪوڏر سان حملو ڪيو هو:رجسٽرار زاهد کنڊ

0
926

ڪراچي : آءِ بي اي سکر جي رجسٽرار زاهد کنڊ پاران بختاور سومرو جا الزام رد ڪندي چيو ويو آهي ته جاچ ڪميٽي 5 ڏينهن تائين انتهائي سائنٽيفڪ طريقي سان جاچ ڪئي. سي سي ٽي وي وڊيو مان خبر پئي ته هڪ ڇوڪري بختاور سومرو ۽ ٻي ٻاهر جي آهي. بختاور کي گهرائي پڇا ڳاڇا ڪئي، ان سان گڏ بختاور سومرو ۽ حسين صديقي جي فون رڪارڊنگ ڪڍرائي وئي. جنهن مان پتو پيو ته وڊيو رڪارڊنگ واري ڏينهن حسين صديقي جو بختاور سان رابطو هو ۽ گذريل چئن پنجن مهينن کان هو ۽ جاچ ڪميٽي جي سامهون بختاور بيان ڏنو ته مونکان اهو عمل ڪرائڻ وارو حسين صديقي هو، هن ئي مونکي فون تي ٻڌايو ته ڇا چوڻو آهي، ان کانپوءِ ڪميٽي حسين صديقي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي جنهن کي شوڪاز نوٽيس ڏئي ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي رجسٽرار زاهد کنڊ چيو ته 2004ع ۾ نثار صديقي پنهنجي پٽ حسين صديقي تي ايف آءِ آر ڪٽرائي هئي. حسين صديقي پنهنجي ويڳي ماءُ تي ڪوڏر سان حملو ڪيو هو، جنهن تي نثار صديقي کيس ستن ڏينهن لاءِ لاڪ اپ ڪرايو هو، نثار صديقي نه چاهيندو هو ته هي آسٽريليا مان اچي ته اهڙو ماڻهو جيڪو ڏوهاري ذهنيت رکندڙ هجي. هن چيو ته ايس ايس پي عرفان سمون کان اسان مدد ورتي هئي، هڪ هڪ ڳالهه اسان وٽ رڪارڊ ٿيل هئا، ٻنهي ڇوڪرين جا مٽ مائٽ به جاچ دوران موجود هئا. معاملي جا جاچ لاءِ پوليس کي چيو آهي، ايف آءِ اي کي به سمورا ثبوت ڏنا آهن، ڊفيميشن لاءِ عدالت ۾ به وينداسين، ايئن ڪونه ٿيندو ته ڪو ماڻهو ننڊ مان اٿي ۽ اداري تي الزام لڳائي.