شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن دوران ڏوھارين پاران حملو ڪري شھيد ڪندڙ 2 اھلڪارن ۽ فوٽو گرافر توڙي 8 کان وڌيڪ مغوين کي اغوا ڪري پاڻ وٽ رکندڙ ڌاڙيلن خلاف 2 ھفتا گذري وڃڻ باوجود ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگھي آھي، جڏهن ته مختلف علائقن مان اغوا ڪيل 8 مغوي به ڏوھارين جي چنبي مان آزاد نه ٿي سگهيا آھن، ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس 2 هفتن کان آپريشن ڪرڻ بدران پڪي ۾ موجود آھي، ذريعن موجب 2 هفتن کان پوليس سڪ بند کان ھيٺ لٿي ئي ناھي، جڏهن ته آپريشن اثرائتو بڻائڻ لاءِ اسپيشل ڪمانڊوز ۽ نشاني باز ڳڙهي تيغو جي علائقي ۾ پهچي ويا واريون پوليس دعوائون به ڪيون پيون وڃن، ان حوالي سان نئين ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ ۽ شڪارپور جي نئين ايس ايس پي تنوير تنيو طرفان ڳڙهي تيغو ۾ قائم ڪيمپس جو دورو ڪيو ويو ۽ آفيسرز کان آپريشن جي حڪمتِ عملي بابت بريفنگ ورتي، ان موقعي تي ڊي آءِ جي مظھر شيخ ۽ ايس ايس پي تنوير چيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، رھيل مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي منطقي انجام تائين پهچائي جلد امن بحال ڪيو ويندو، عملدارن موجب پنجاب مان اماڻيل جديد بڪتربند گاڏيون، هٿيار ۽ ڪمانڊوز به ڪچي ۾ پهتل آھن، آپريشن جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آھن.