شهزاد اڪبر جو بشير ميمڻ کي 50 ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس، معافي جو مطالبو

0
442

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ جا الزام بي بنياد قر ار ڏيندي کيس 50 ڪروڙ هرجاڻي جو قانوني نوٽيس جاري ڪيو، نوٽيس ۾ مشروط بنيادن تي معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته بي بنياد الزامن سان ساک کي ڇيهو رسايو ويو آهي، بشير ميمڻ 14 ڏينهن اندر الزامن جو جواب ڏي. قانوني نوٽيس ڊفيميشن آرڊيننس 2002 جي ذيلي شق 8 تحت موڪليو ويو. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته توهان 27 اپريل 2021 تي شاهزيب خانزاده جي پروگرام ۾ بغير ڪنهن ثبوت ۽ حقيقتن جي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام هنيا. اسان جو موڪل ايماندار ، عزتدار ۽ قانون جي پابندي ڪندڙ شهري آهي، اسان جي موڪل خلاف اپوزيشن جي ڪجهه ميمبرن نفرت انگيز مهم شروع ڪري رکي آهي، جنهن جو مقصد کيس ڪرپشن جي خاتمي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪڻ آهي. توهان الزام مڙهيو آهي ته اسان جي موڪل، وزيراعظم ، وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ قانون واري وزير توهان تي سپريم ڪورٽ جي معزز جج جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو. توهان غلط ، من گھڙت ۽ بي بنياد الزام لڳايا آهن.