پنگريو (ن پ ا) پنگريو لڳ ڳوٺ عالم خان کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ اعجاز کوسو زخمي ٿي پيو، زخمي کي صحت مرڪز پنگريو منتقل ڪيو ويو، جتي رات جي شفٽ ۾ڊاڪٽر نه ھجڻ تي وارثن زخمي کي سول اسپتال ٽنڊوباگو منتقل ڪيو، ان موقعي تي زخمي جي وارثن سليمان، شاھنواز کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته پنگريو صحت مرڪز ۾ ڪي به سهولتون ناهن، ڊاڪٽر نه هجڻ سبب ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن علاج لاءِ تڙپي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته صحت کاتو مامري جو نوٽيس وٺي.