شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان اڇي مسجد اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سرهاري واسي شمن ٽالپر سخت زخمي ٿي پيو، فوتي جي سڃاڻپ کسانا موري واسي جڳ مل ڪڇي طور ٿي. فوتي جو لاش ۽ زخمي کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال آندو ويو جتي زخمي کي طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف حادثي ۾ تباھ ٿيل موٽر سائيڪلون پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيون.