شهدادڪوٽ: مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 7 زخمي

0
260

شھدادڪوٽ : اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نشان گرائونڊ محلي ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي جي نتيجي ۾ لٺيون، ڏنڊا ۽ سروٽا لڳڻ ڪري 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عاشق مگسي، خالد مگسي ، غلام عباس مگسي، وحيد مگسي، مرتضيٰ مگسي ۽ نويد مگسي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو . ٻئي پاسي اي سيڪشن ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين جي فرياد تي الڳ الڳ اين سي داخل ڪري پوليس ٻنهي ڌرين جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي .