ٽنڊوالهيار: لاڪ اپ نوجوان جي موت واري ڪيس مان اهلڪار آزاد

0
543

ٽنڊوالهيار:20 ڏينهن اڳ ٽنڊوالهيار جي لاڪ اپ ۾ نوجوان بابر خانزادي جي موت واري مامري ۾ ٽنڊوالهيار جي ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس سي ڪلاس ڪندي گرفتار پوليس اهلڪار کي آزاد ڪيو ويو، اهڙي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار احمد کهاوڙ بابر خانزادي جي ڀيڻ پاران سندس ڀاءُ کي لاڪ اپ ۾ قتل ڪرڻ واري ايف آءِ آر کي ڪوڙو قرار ڏيندي بابر خانزادي جي موت کي خودڪشي قرار ڏني آهي. ايس ايس پي عدالت کي رپورٽ جمع ڪرائيندي اهو به ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽرن جي پورسٽ مارٽم رپورٽ ۾ به بابر خانزادي جي موت کي خودڪشي قرار ڏنو ويو آھي. عدالت کي موڪليل رپورٽ ۾ بابر خانزادي کي منشيات جو عادي ڄاڻايو ويو آهي، لاڪ اپ ۾ منشيات نه ملڻ ڪري لاڪ اپ ۾ پيل وهاڻا ڦاڙي رسو ٺاهي اهو رسو هن پنهنجي ڳچي ۾ وجهي خودڪشي ڪئي. رپورٽ ۾ بابر خانزادي جي گرفتاري 1000 مين پڙين سان گڏ ڏيکاري وئي آهي. ڪيس سي ڪلاس ٿيڻ کانپوءِ گرفتار اهلڪار عرفان ڏاهري، دلشير، علي اصغر ڀرڳڙي، سڪندر ۽ ٻين کي آزاد ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار جي عدالت ۾ پوليس پاران رپورٽ پيش ڪرڻ وقت عدالت جي ٻاهران بابر خانزادي جي وارثن پاران سخت احتجاج ڪري ٽنڊوالهيار پوليس خلاف نعريبازي ڪئي ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار مٿان پنهنجن اهلڪارن جي ڌر بڻجڻ جو الزام هنيو ۽ جاري ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ايس ايس پي کي فوري طور هٽائڻ جو مطالبو ڪيو .