ملير: بحريه ٽائون جا گرفتار 13 سيڪيورٽي گارڊ ضمانت تي آزاد

0
272

ملير: بحريا ٽائون ڳوٺن تي چڙهائي بعد گرفتار ڪيل 13 سيڪيورٽي گارڊز جي 10، 10 هزار رپين جي ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪيو ويو آهي. جوڊيشل مئجسٽريٽ 12 جي عدالت گرفتار سيڪيورٽي گارڊزکي ضمانت بعد آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گڏاپ سٽي جي جاچ آفيسر محمد علي سهتو گرفتار ڪيل بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي گارڊز فراعت، نديم خان، ربنواز، محمد اڪبر، نور محمد، لياقت شاهه کي جسماني رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن تي سيڪيورٽي گارڊز جي وڪيل ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪيون، جن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جوابدارن خلاف ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ڀُنگ طلب ڪرڻ يا ڪنهن خانگي هنڌ تي رکڻ جو الزام نه آهي، انهن مٿان جهيڙو ٿيڻ بعد زخمي ٿيل ڳوٺاڻن کي ٿاڻي تي کڻي اچڻ جو الزام آهي جيڪو ضمانت جوڳو آهي ان ڪري سيڪيورٽي گارڊز جي ضمانت منظور ڪئي وڃي، اهڙي دليل بعد عدالت گرفتار ڪيل13 سيڪيورٽي گارڊز جي 10، 10 هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ٻئي طرف جاچ پوليس پنهنجو اختيار استعمال ڪندي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل بحريا ٽائون جي انتظامي آفيسرن نعمان، نجم الحق، ذيشان، اسلام الله، اويس، شاهه فهد ۽ طارق کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ 10، 10 هزار رپين جي ضمانت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو، پوليس موجب واقعي جي فريادي جيڪو واقعي ۾ زخمي پڻ ٿيو هو تنهن اڃا تائين ميڊيڪو ليگل سرٽيفڪيٽ پڻ جمع نه ڪرايو آهي، جنهن ڪري پوليس قانوني رستي نامزد ٿيل 7 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي آهي.