شنگهائي تعاون تنظيم جي گڏجاڻيءَ ۾ پاڪستان جي شرڪت

0
192
پ پ جي خاموشي به ته رضامنديءَ ۾ شمار آهي!
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي معاملن وارن وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جو پرڏيهي معاملن جو وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي شهر گووا پهچي ويو آهي. سياسي، اقتصادي ۽ عسڪري معاملن ۾ تعاون جي اها تنظيم پاڪستان ۽ چين سميت 8 ملڪن جي نمائندگي رکندڙ آهي. توڙي جو ان دوري ۾ پاڪ- ڀارت ٻه طرفن لاڳاپن جي حوالي سان ته ڪنهن به اڳڀرائيءَ جي اميد نه پئي ڪئي وڃي، جنهن جو اظهار بلاول ڀٽو زرداري پاڻ به ڪري چڪو آهي ۽ نه ئي وري بلاول ڀٽو زرداريءَ جي پنهنجي ڀارتي هم منصب سان ان حوالي سان ڪا ڌار گڏجاڻي رٿيل آهي پر ان جي باوجود پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ڀارت ۾ منعقد ٿيل ان گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت سان مستقبل ۾ چڱائيءَ جي اميد سان سلهاڙيو پيو وڃي. اها شرڪت سرحد جي ٻنهي پار موجود امن جي بدخواهه قوتن جي شڪست آهي.

هونئن ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپا ڪڏهن به ڪي گهڻا بهتر نه رهيا آهن. ٻئي ملڪ چار جنگيون وڙهي چڪا آهن، پر ان ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ايڪشن کان پوءِ ٿيو. بعد ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ طرفان ڀارتي وزير اعظم مودي کي ‘گجرات جو ڪاسائي’ قرار ڏيڻ ۽ بي جي پي جي سختگير عناصر طرفان بلاول جي سر جي قيمت مقرر ڪرڻ کان پوءِ ڇڪتاڻ ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي هئي. اهڙين حالتن ۾ سمجهيو اهو پئي ويو ته پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جو وزير ان تنظيم جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت نه ڪندو، ڇو ته ٻنهي پاسن شديد ڪاوڙ جو سج نيزي پاند هو ۽ هڪ موقعي تي ته بلاول ڀٽو زرداريءَ جي شنگهائي تعاون تنظيم جي گڏجاڻيءَ ۾ ورچوئل شرڪت جي حوالي سان خبرون پڻ ميڊيا تي گردش ڪنديون رهيون هيون. ظاهر آهي ته ڪي قوتون ان جي حق ۾ نه هيون ته پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جو وزير گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪري، پر انهن کي مايوسي پلئه پئي. پاڪستان ۾ هن وقت سياسي ڇڪتاڻ عروج تي آهي، اهم آئيني ادارا هڪ ٻئي سان سِڱ اٽڪايو بيٺا آهن. ملڪ معاشي ڏيوالپڻي جي چائنٺ ٽپي چڪو آهي، رڳو اعلان باقي آهي. ملڪ جي معيشت جنهن ڍڳي جي سِڱن تي بيٺل آهي، ان جو نالو آءِ ايم ايف آهي، اهو جڏهن به سِڱ بدلائي ٿو ته زلزلا آڻي ڇڏيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ڪنهن به پاڙيسري ملڪ سان ڇڪتاڻ جو متحمل نٿو ٿي سگهي. گهڻو ٿي چڪو، هاڻي ننڍي کنڊ مان خوف، غير يقيني ۽ بي اعتماديءَ جا ڪارا ڪڪر ختم ٿيڻ گهرجن. اعتماد سازيءَ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته ڀارت سان واپار وڌائڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. واهگا بارڊر ۽ کوکرا پار سرحد کلڻ سان نه صرف واپار کي هٿي ملندي پر سياحت کي به فروغ ملي سگهي ٿو. شنگهائي تعاون تنظيم ۾ روس ۽ چين سميت 8 ملڪ شامل آهن، جن ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ ٻيا سينٽرل ايشيا جا ملڪ آهن. اهي رڳو هڪ ٻئي کي پنهنجين منڊين تائين رسائي ڏين ته به گهڻي بهتري اچي سگهي ٿي. واپار وڌي سگهي ٿو. سياحت جي فروغ جا انهن سمورن ملڪن ۾ گهڻا موقعا آهن. دنيا ۾ اهڙا ڪافي ملڪ آهن، جن جي آمدنيءَ جو وڏو حصو سياحت مان اچي ٿو.

اهڙيون تمام گهڻيون قوتون آهن، ننڍي کنڊ جو امن جن جي اک جو ڪنڊو بڻيل آهي، جيڪي چاهين ٿيون ته نفرت جي ڪُني اڀامندي رهي. هونئن به ڪُني اڀامي پنهنجا ئي ڪَنا ساڙيندي آهي. پاڪ- ڀارت قيادت کي هڪ ٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ ۽ ملاقات جا بهانا ملڻ گهرجن. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي گڏجاڻيءَ جو مقصد الڳ آهي، ان سان هن کنڊ ۾ امن جي سهائيءَ جو ڪو ترورو نه چمڪندو، پر اڳتي هلي اهي ننڍي کنڊ جي ٻنهي ملڪن جي قيادت وچ ۾ ملاقاتون وڌيل گرمي پد ۾ گهٽتائيءَ جو ڪو امڪان کڻي اچي سگهن ٿيون.