لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر صهيب مقصود ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ کان ٻاهر ٿي ويو ۽ هن جي جاءِ تي آل رائونڊر شعيب ملڪ کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.صهيب مقصود نيشنل ٽي ٽوئنٽي دوران چيلهه جي تڪليف جو شڪار ٿي ويو هو جنهن کان پوءِ کيس ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت تي سواليا نشان هو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر نجيب ۽ فزيو ڪلف ڊيڪن ڪجهه دير اڳ صهيب مقصود جي انجري جو جائزو ورتو ۽ کيس وڌيڪ آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.پي سي بي جو چوڻ آهي ته صهيب مقصود جي متبادل جي طور تي شعيب ملڪ کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.