اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جوتو هڻڻ وارِي ڳالهه تي اسپيڪر کان معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئون رڳو هڪ ذات کان معافي وٺندو آهيان، اسپيڪر يا ٻئي ڪنهن کان معافي نه وٺندس، هن چيو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي ۾ اسان کي ناموس رسالت تي ڳالهائڻ نٿو ڏئي، شاهد خاقان چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا تي ڪنٽرول ٿيو، حڪومت جِي پاليسي ناڪام ٿي آهي جو ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيسز وڌن پيا، اهو وقت پري ناهي جو پاڪستانين کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سفر ڪرڻ کان به روڪيو ويندو، هن چيو ته وزيرن جي فوج آهي انهن جون نوڪريون روز تبديل ٿين ٿيون، اڄ معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي زوال پذير آهي، ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي آهي، پاڪستاني عوام سڃاڻپ ڪارڊ هٿن ۾ کڻي هڪ ڪلو کنڊ لاءِ قطار ۾ بيٺل آهي، هن چيو ته کنڊ اسڪيڊل جو اصل ذميوار وزيراعظم آهي نيب ڪيس ٺاهي کيس جيل ۾ وڌو وڃي ساڻس گڏ ڪابينا کي به جيل ۾ وڌو وڃي ته خبر پوندي. هوڏانهن نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پهريون اسپيڪر آهي جيڪو ڳالهائڻ نٿو ڏئي، اسپيڪر جي سامهون بيهو ته پوءِ ڳالهائڻ جو موقعو ملي ٿو، اسپيڪر پنهنجي عزت پاڻ ڪرائيندو آهي، مون غلطي تسيلم ناهي ڪئي، شرمندگي آهي، اسپيڪر صاحب پهريان هائوس کان معذرت ڪري، آئون معافي نه وٺندس، اسپيڪر روڪي ڏيکاري، ڳالهه جوتي کان به اڳتي ويندي، اسان ناموس رسالت تي سياست نٿا ڪريون، هن چيو ته اسان پنهنجي اپوزيشن ليڊر لاءِ پروڊڪشن آرڊر ناهن گهريا، رانا ثناءُالله هيروئن جو ڪيس داخل ڪيو ويو اسپيڪر هڪ لفظ ڳالهائي نه سگهيو، هن چيو ته اسان معافي ناهي گهري، اسپيڪر کان معافي ناهي ورتي پ پ کان به معافي نه گهرنداسين. هن چيو ته جهانگير ترين سان رابطا ناهن، جيڪڏهن کيس اسلام آباد مان ٿڌيون هوائون اچن ٿيون ته کيس مبارڪ هجي.