سکر ۾ نيشنل وومين هاڪي چيمپئن شپ لاءِ ٽرائل: 15 رانديگرياڻيون سليڪٽ

0
184

خيرپور (رپورٽر) سکر ۾ نيشنل وومين هاڪي فائيو چيمپيئن شپ ۾ شرڪت لاءِ سنڌ هاڪي ايسوسيئيشن جي نگراني ۾ پيپلز هاڪي اسٽيڊيم سکر ۾ سنڌ جي ٽيم جا ٽرائل ڪيا ويا. سکر، خيرپور، جيڪب آباد، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن جي 45 کان وڌيڪ رانديگرن ٽرائل ڏنا. ان موقعي تي سيڪريٽري سنڌ هاڪي ايسوسيئيشن محمد رمضان جمالي، سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه غلام مرتضي ڏهوٽ، ميمبرن رضوانه چاچڙ، عبيدالله، صنم يوسف ۽ حميرا بهترين راند کيڏندڙ 15 رانديگرن کي سليڪٽ ڪيو ويو، جن کي سکر ڪيمپ ۾ رکيو ويو آهي بعد ۾ ٽيم فائنل ٿيڻ کان پوءِ ٽيم لاهور ۾ ٿيندڙ پهرين نيشنل مين فائيو سائيڊ هاڪي چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪندي.