ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي جي جونگ ڪالوني ۾ علائقي واسين کي گٽر مان تازو ڄاول گلڙن جهڙي ٻارڙي هٿ آئي، جنهن کي علائقي واسين مئل سمجهي غسل ڏئي سينگاري خوشبو لڳائي گهر آندو. کٽ تي ستل مئل ٻارڙي اوچتو ساهه کنيو ته گهر ڀاتين دانهن ڪئي ته ٻارڙي زنده آھي؟، گهر جي عورتن ٻارڙي کي ساهه کڻندو ڏسي فوري طور اسپتال کڻائي ويا. گهر ڌڻي علي عباس منگي جو چوڻ آهي ته ٻارڙي زنده آھي، اسان مئل سمجهي هئي، ٻارڙي کي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو آهي جتي کيس آڪسيجن لڳائي وئي. علي عباس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٻارڙي بچي وئي ته مان کيس ڌيءَ ڪري پاليندس، خبر ناهي ڪنهن بي رحم ماءُ ٻارڙي کي اڇلايو، مان هن کي پنهنجي ڌيءَ ٿو سمجهان.