سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
137

سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صوبن کي به چونڊن لاءِ انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت  ڪئي وئي آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي

 حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ بابت صدر جي خط جو جواب نه ڏنو، هر ادارو آئين تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، آئين تي عمل نه ڪرڻ جا سخت نتيجا هوندا آهن، چونڊن جو اعلان نه ٿيڻ سبب سمورو ملڪ ڳڻتيءَ ۾ ورتل هو

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن يا صدر جي اختيارن ۾ مداخلت نه ڪئي آهي، عدالت صدر ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ رڳو سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو، غير آئيني طور اسيمبلي ٽوڙڻ به غداري جي زمري ۾ اچي ٿو، صدر کي راءِ وٺڻي هئي ته سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري پئي سگهيو

اٽارني جنرل صدر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ گڏجاڻي جا منٽس پيش ڪندي چيو ته چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اٽارني جنرل صدر جي صحيح ڪرائڻ بعد چونڊن جي تاريخ وارو دستاويز عدالت آڏو پيش ڪيو، گذريل ڏينهن صدر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊن لاءِ 8 فيبروري تي اتفاق ڪيو هو

هي به پڙهندا

عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون: صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ تي صحيح ڪري ڇڏي