عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون: صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ تي صحيح ڪري ڇڏي

0
199

عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ تي صحيح ڪري ڇڏي، اٽارني جنرل صدر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ تاريخ تي اتفاق وارو دستاويز صدر جي صحيح بعد سپريم ڪورٽ آڏو پيش ڪري ڇڏيو

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 90 ڏينهن اندر چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته اٽارني جنرل صدر عارف علوي سان اليڪشن ڪميشن جي اختيارين جي ملاقات جا منٽس پيش ڪيا

 اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين اختيارين صدر سان ملاقات ڪئي، 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي

 چيف جسٽس جي حڪم تي اٽارني جنرل گڏجاڻي جي منٽس تي صدر کان صحيح ڪرائڻ بعد دستاويز عدالت آڏو پيش ڪيو

گذريل ڏينهن صدر ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ ملاقات دوران عام چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو

هي به پڙهندا

عام چونڊون 11 فيبروري تي ٿينديون:اليڪشن ڪميشن جو اعلان