ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس وين ويجهو زوردار ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا

0
213

ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس وين ويجهو زوردار ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهن

سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ڌماڪي سبب ڪيترين ئي موٽرسائيڪلز کي به نقصان پهتو آهي

 پوليس موجب ڌماڪي کانپوءِ فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا، شروعاتي جاچ موجب ڌماڪو پوليس جي وين کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو