سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي مقررين جو طريقيڪار چيلينج

0
177
حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آمهون سامهون: فل ڪورٽ جوڙڻ واريون درخواستون رد
حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آمهون سامهون: فل ڪورٽ جوڙڻ واريون درخواستون رد

اسلام آباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ججن جي مقرري واري طريقيڪار کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پاران سپريم ڪورٽ ۾ سينيئارٽي کي نظر انداز ڪندي ججن جي مقرري کي چئلينج ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سينيئارٽي جي لحاظ کان جونيئر ججن جي مقرري عدليه لاءِ نقصانڪار آهي، سپريم ڪورٽ ۾ گذريل 7 ججن مان 5 کي جونيئر جج مقرر ڪيو ويو آهي، جڊيشل ڪميشن کي هدايت ڪئي وڃي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرس سان ججز جي مقرري جي حوالي سان مشاورت ڪري جن ۾ ججز، پارليامينٽ جا ميمبر، بار ڪائونسلز، سينيئر وڪيل، سول  سوسائٽي ۽ ٻين کي به گهرايو وڃي.  درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته جڊيشل ڪميشن جي رول 3 کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي ۽ هاءِ ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ تائين مقرريون سينيئارٽي جي بنياد تي ڪيون وڃن جيستائين مشاورت مڪمل نه ٿئي.