سيوهڻ (ن پ ا) سيوھڻ جي بودلا بھار محلي جي 14 ورھين جي نينگري عائشه ڌيءُ حفيظ اوٺو کي مبينا طور 3 جوابدارن پاران اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو آهي، متاثر نينگري کي ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ شهر جي سيد عبدالله انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن ابتدائي رپورٽ ۾ نينگري سان ڏاڍائي جي تصديق ڪئي آهي، ان حوالي سان ڏاڍائي جو شڪار ٿيل نينگري جي والد عبدالحفيظ اوٺو پوليس کي ٻڌايو آهي ته جوابدارن حسين ھاليپوٽو سندس ڀاءُ سجاد ھاليپوٽو ۽ محسن شورو منھنجي نياڻي کي زبردستي پنهنجي گهر ٻاھران موٽرسائيڪل تي کنڀي زيادتي ڪرڻ بعد ٻيھر گھر ٻاھران بيھوشي جي حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، جنهن بابت پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ نياڻيءَ کي اسپتال آندو، ھن مطالبو ڪيو ته مک جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف نينگريءَ جي والد جي فرياد تي پوليس 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪيئر ڪالوني جي ھڪ جاءِ تي پوليس ڇاپو ھڻي جوابدارن جي فرار ٿيڻ بعد عيوض ۾ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، پوليس موجب متاثر نينگري جي والد سان انصاف ٿيندو ۽ ملوث مک جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.