سينگار نوناري ڪيس:رينجرز پراسيڪيوٽر هڪ ڪلاڪ اندر پيش ٿئي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
286
پوليس کان مايوس ٿي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌھاءِ ڪورٽ ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ سينگاري نوناري جي گمشدگي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سينگار نوناري جي وني فوزيہ پاران سندس جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي دوران رينجرز پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش نہ ٿيو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، عدالت رينجرز پاران جمع ڪرايل جواب تي واپس ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته اسان رينجرز پراسيڪيوٽر کي پيش ٿي دليل ڏيڻ جي جي ھدايت ڪئي ھئي، ھي جواب اسان جي ڪنھن ڪم جو ناھي، 11.30 وڳي رينجرز پراسيڪيوٽر ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي، عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي ھڪ ڪلاڪ لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سينگار نوناري کي ڪيترائي ئي ڏنھن گذري ويا آھن پر ھن وقت تائين ان جو ڪو پتو ناھي پيو، سينگار نوناري جي بازيابي جو حڪم ڏنو وڃي.